نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير پاڪستان ٽيم جي رانديگرن تي ناڪاري تبصرا ڪندو آهي پر هن وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي تعريف ڪئي آهي.
هڪ آن لائن پروگرام ۾ تعريف ڪندي هن چيو ته بابر کي ڪنهن کي ڪجهه ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي کيس ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني جي ڪا ضرورت آهي. بابراعظم کي پي ايس ايل کٽي ڪجهه نه ملندو، بابراعظم وٽ ايتري ڪوالتي آهي جو هو پاڪستان جو اهڙو بيٽر بڻجي سگهي ٿو جيڪو اڄ تائين پيدا ناهي ٿيو.