لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فائر وال ۽ ويب مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران پي ٽي اي، آءِ ٽي وزارت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فائر وال ۽ ويب مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شق وار جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ 27 آگسٽ تي اٽارني جنرل کي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو.
عدالت وڌيڪ چو ته ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست دستياب بينچ جي روبرو پيش ڪئي ويندي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.