اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن هو گذريل ڏينهن جلسو ڪن ها ته وري 9 مئي سندن ڳچي ۾ پوڻ جو خدشو هو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اعظم سواتي ڄاڻ ڏني ته ختم نبوت حساس معاملو آهي جنهن تي ديني پارٽي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، اسان کي ڏڦيڙ جو خدشو هو، ان لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو جلسو ملتوي ڪيو.