ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي مختلف ضلعن، پشين، قلعه عبدالله ۽ چمن تي ٻڌل بلاڪ ۾ جعلي پوليو ويڪسينيشن جو انڪشاف ٿيو.
ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي عملدارن موجب پوليو ورڪرز ۽ ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين جي ڳٺ جوڙ جو پتو لڳايو ويو آهي.
ورڪرز ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کانسواءِ آڱرين جا نشان هڻائڻ ۾ ملوث نڪتا، معاملي تي 500 ورڪرز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته 74 کي فارغ ڪيو ويو.
هلندڙ سال پوليو جو شڪار 12 مان 3 ٻار فوت ٿي چڪا آهن.