رحيم يار خان (م ڊ) رحيم يار خان جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي 2 گاڏين تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 11 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب ڪچي جي علائقي ماڇڪو ۾ ڌاڙيلن پوليس جي 2 گاڏين تي فائرنگ ڪري ڏني.
ٻئي پوليس موبائيلون برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پيون هيون. ڌاڙيلن پوليس تي راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو.
گهوٽڪي پوليس موجب ڌاڙيلن جي حملي ۾ 11 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا جڏهن ته 4 لاپتا آهن.
حملي کانپوءِ رحيم يار خان پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڏي نفري طلب ڪري ورتي آهي.