ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت حسينا واجد سميت سندس ڪابينا ۾ شامل وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪيترن ئي اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوششن کانپوءِ عبوري حڪومت حسينا واجد سميت سندس ڪابينا ۽ اسيمبلي ميمبرن جا سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان کان اڳ بنگلاديش جي گهرو وزارت لاڳاپين ادارن کي زباني هدايتون جاري ڪيون هيون پر هاڻ ان فيصلي کانپوءِ باضابطا لکت حڪم جاري ٿيڻ جو به امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪنهن به ملڪ جيان بنگلاديش ۾ به حڪومتي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا آهن، جن جو مدو 5 سال هوندو آهي، حسينا واجد جي نئين حڪومت هلندڙ سال جنوري ۾ ٺهي هئي.
You might also like