راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن پاڪستان راند جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهي ورتيون.
بنگلاديش ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، 16 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ صائم ايوب ۽ سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سنڀاليو.
ٻنهي ففٽيون اسڪور ڪيون، صائم ايوب 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته سعود شڪيل 57 ۽ محمد رضوان 24 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
ان کان اڳ عبدالله شفيق 2، ڪپتان شان مسعود 6 ۽ بابر اعظم کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا.
You might also like