پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ جلسي، جلوس، ريلين، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پنجاب جي گهرو کاتي صوبي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب پابندي خميس 22 آگسٽ کان ڇنڇر 24 آگسٽ تائين لاڳو هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي قيام، انساني جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، پابندي دهشتگردي جي خطرن سبب لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.