ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، ڏيوالي جون ڳالهيون ڪندڙ ڪٿي آهن؟ آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو مستقل محفوظ هٿن ۾ آهي، پاڪستان جي ڏيوالي جون ڳالهيون ڪندڙ هاڻ ڪٿي آهن؟
نوجوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته عوام، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ مضبوط رشتو ئي پاڪستان جي ترقي جو ضامن آهي، رياست جي ذميواري آهي ته عوام کي سوشل ميڊيا سان پيدا ٿيندڙ فتني جي نقصانن کان پري رکي.
هن چيو آزاد رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته ليبيا، شام، ڪشمير ۽ غزا جي عوام کان پڇو، مسلمان جي حيثيت سان اسان کي نااميدي کان روڪيو ويو آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو قيمتي ۽ سرمايو نوجوان آهن، ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جو قيمتي سرمايو ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو منهنجو ايمان آهي ته الله پاڪ اسان کي دهشتگردي خلاف فتح عطا ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.