اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 35 کان 58 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي چوري ۽ ليڪيج سبب ضايع ٿي رهيو آهي.
اي ڊي بي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان واڌ سبب شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ وڌندي، زرعي زمينن تي وڌندڙ انڪروچمينٽ سبب مستقبل ۾ غذائي کوٽ جو خدشو آهي، پاڪستان کي وڌندڙ آبادي سبب نوان شهر ۽ مستقل پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.
رپورٽ موجب وڌندڙ آبادي سبب پاڪستان کي ساليانو ساڍا 3 لک نوان گهر ٺاهڻ جي ضرورت آهي، آبادي جي سيٽلمينٽ لاءِ مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ نون گهرن جي ضرورت آهي.
You might also like