سنڌ حڪومت 20 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 20 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن.

سرڪاري تقريب ۾ شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس، روايتي مقابلو ملاکڙو، صوفي موسيقيءَ جي محفل، زرعي ۽ صنعتي نمائشون، ثقافتي سامان جي واڌاري لاءِ ثقافتي ڳوٺ جو قيام ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو سرڪاري ايوارڊ شاهه لطيف ايوارڊ شامل آهن.

نوٽيفڪيشن موجب 20 آگسٽ اڱاري تي عام موڪل هوندي.

ياد رهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 3 ڏينهن واري عرس جون تقريبون هر سال 14 صفر کان سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ ٿينديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.