اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال آفريدي طرفان عورت جي لباس بابت بيان جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب قومي اسيمبلي اسپيڪر عورت جي لباس تي اعتراض ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي جي بيان جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اياز صادق حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن جو سربراهه قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ هوندو.
ڪميٽي ۾ نويد قمر، امين الحق، ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ مولانا عبدالغفور حيدري شامل هوندا، ڪميٽي پارلياماني پارٽين جي 5 عورتن ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي مجاز هوندي.
پڌرائيءَ موجب جاچ ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ اسپيڪر کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر اقبال آفريدي عورت جي لباس تي اعتراض اٿاريو هو.
اقبال آفريدي چيو ته چيئرمين صاحب! عورت جو لباس ٺيڪ ناهي، قومي اسيمبلي ڪميٽي ۾ اچڻ لاءِ لباس جو ڪو ايس او پي هجڻ گهرجي.
You might also like