ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جو تربيت يافته ڪتو گولي لڳڻ سان مري ويو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب سي اي اي جي شوٽر فائرنگ ڪري اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي تربيت يافته ڪتي کي ماري ڇڏيو.
ايئرپورٽ ذريعن ٻڌايو ته اي اين ايف جو ڪتو عملي جي غفلت سبب پڃري مان نڪري رن وي تي اچي ويو هو، ڪتو جهازن جي پارڪنگ ۾ گهمندي ڏٺو ويو.
ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪتي کي ايئرپورٽ تي مقرر سي اي اي جي برڊ شوٽر عام ڪتو سمجهي ماري ڇڏيو، جهاز جي پارڪنگ وقت ڪنٽرول ٽاور جي آگاهه ڪرڻ تي برڊ شوٽر ڪتي تي فائرنگ ڪئي.
ذريعن موجب ڪتو جهازن ۽ مسافرن جي سامان ۾ منشيات جو پتو لڳائڻ لاءِ تربيت يافته هو، سي اي اي ۽ اين اين ايف اختيارين معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
Next Post
You might also like