فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ برسات سبب فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سان 3 مزدور فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ريسڪيو اختيارين موجب فيصل آباد جي علائقي فيڊميڪ ۾ برسات سبب فيڪٽري جي اندر ٺهيل هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، ڇت ڪرڻ سان 3 مزدور فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو.
اختيارين ٻڌايو ته ڇت ڪرڻ جو واقعو سيمينٽ جون ڇتيون تيار ڪندڙ فيڪٽري ۾ پيش آيو.
اختيارين موجب فيڪٽري ۾ مزدورن جي رهائشي ڪمري جي ڇت پختي نه هئي، ملبي مان لاشن ۽ زخمي کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like