اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊنمارڪ جي مشهور شپنگ ڪمپني مارسڪ پاڪستان ۾ ٻه بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو منصوبو متعارف ڪرائي ڇڏيو.
شپنگ ڪمپني مارسڪ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وچ ۾ هلندڙ مهيني مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿينديون، جنهن کانپوءِ ڊنمارڪ جي شپنگ ڪمپني مارسڪ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهه ۽ ٽرانسپورٽ انفرا اسٽرڪچر ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي.
ان حوالي سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر شيخ چيو ته ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پروسيسنگ پلانٽس، فشريز سيڊز ۽ فيڊ تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، سامونڊي برآمدن لاءِ پروسيسنگ پلانٽس ٺاهڻ لاءِ زمين فراهم ڪنداسين.
هن چيو ته وزارت سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪاروباري برادري کي به فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايس آءِ ايف سي جو اهو قدم پاڪستان جي سامونڊي ۽ ٽرانسپورٽ شعبي ۾ اڳڀرائي جو عڪاس آهي.
You might also like