واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مان آمريڪي عوام طرفان پاڪستانين لاءِ دلي طور نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو.
پنهنجي بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته گذريل 77 سالن کان اسان جا عوامي لاڳاپا اسان جي ٻه طرفي تعلق جو بنياد رهيا آهن، ايندڙ سالن ۾ اسان ڀائيواري ۽ عوامي لاڳاپا وڌائيندي ٻنهي قومن لاءِ وڌيڪ خوشحال مستقبل جوڙينداسين.
هن چيو ته منهنجي طرفان پاڪستان، آمريڪا ۽ سڄي دنيا ۾ آزادي ڏهاڙو ملهائيندڙ پاڪستانين کي مبارڪ هجي.
You might also like