ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي 3 نون کاتن ۾ ورهايو ويو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي ورهائي 3 نوان ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ريگيوليٽري ڊپارٽمينٽ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا، ڪمرشل ايئرپورٽس کي پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي تحت الڳ ڊپارٽمينٽ بڻايو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ٽيون ڊپارٽمينٽ بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن آهي، جيڪو جهاز حادثن جي جاچ جو ڪم ڪندو آهي.
سول ايوي ايشن، ايئرپورٽ اٿارٽي، بورڊ آف سيفٽي انويسٽيگيشن جي قيام جو به الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
فلائيٽ اسٽينڊرڊ، پائلٽ لائسنسنگ، ايروڊروم ايئر اسپيس به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا جڏهن ته ايئر ورٿنيس، ايئر ٽرانسپورٽ ۽ ايرو ميڊيڪل به سول ايوي ايشن اٿارٽي جو حصو هوندا.