لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نويد اڪرم چيما کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نويد اڪرم چيما آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران پاڪستان ٽيم جو مئينجر هو، ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ تائين وهاب رياض سينيئر مئنيجر ۽ منصور رانا مئنيجر هو، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شرمناڪ ڪارڪردگي تي وهاب رياض ۽ منصور رانا کي عهدن تان هٽايو ويو هو.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪرڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي تان وهاب رياض ۽ عبدالرزاق کي برطرف ڪرڻ کانپوءِ ٽيم جي مئنيجر منصور رانا کي به عهدي تان هٽايو ويو هو.
ذريعن موجب، ٽنهي دورن دوران ظابطن جي ڀڃڪڙين جا ڪيئي واقعا پيش آيا، پي سي بي شڪايتن جي تصديق کانپوءِ کين عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.
You might also like