اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد فوجي تحويل ۾، ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج انٽرسروسز انٽيلجنس ( آءِ ايس آءِ ) جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر ) فيض حميد کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري ( آءِ ايس پي آر ) موجب، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلمن تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي تعميل ڪندي تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج طرفان فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ شڪايتن جي درستگي جو پتو لڳائڻ لاءِ انڪوائري ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ ظابطن جون ڪيئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿي چڪيون آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.