گورنر جي تبديلي بابت فيصلو ناهي ٿيو، رڳو افواهون آهن: خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي تبدلي جي خبرن کي افواهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ خالد مقبول صديقي چيو ته هو اڄ صبح کان وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ آهي ۽ کيس سنڌ جي گورنر جي تبديلي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي.

خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏهن حڪومت اهڙو فيصلو ڪري ها ته اسان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها، اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، اهي رڳو افواهون آهن.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن اهڙا فيصلا ٿيا ته ايم ڪيو ايم جي قيادت ويهندي ۽ پنهنجو فيصلو ۽ لائحه عمل جوڙيندي.

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو معاملو ڪنهن به سطح تي غور هيٺ ناهي، وفاق هن وقت تائين اسان سان رابطو ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.