اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاران سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو امڪان آهي ۽ نئين ايندڙ گورنر جو نالو به سامهون اچي ويو آهي.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو امڪان آهي.
واضح رهي ته هن وقت ڪامران ٽيسوي گورنر سنڌ جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.