اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي نوجوان پٽ کي آئي فون نه وٺي ڏيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
رونالڊو جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي پٽ کي آئي فون نه ڏيڻ جو سبب ٻڌائي رهيو آهي.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ رونالڊو جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي پٽ کي آئي فون نه وٺي ڏني آهي، مان انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالو رکندڙ آهيان ۽ مداح اڪثر مون کان پڇندا آهن ته مان جونيئررونالڊو کي سوشل ميڊيا تي ڇو نٿواچڻ ڏيان.
رونالڊو ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته هن جي پٽ 2020ع انسٽاگرام تي اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ان جا 1 لک کان وڌيڪ فالوورز هئا، جڏهن مون کي خبر پئي ته مون فوري طور تي پنهنجي پٽ جو اڪائونٽ ڊيليٽ ڪرائي ڇڏيو ۽ هاڻي هو 14 سالن جو آهي ۽ اڃا تائين پٽ وٽ آءِ فون نه آهي.
اسٽار فٽبالر چيو ته مون اهو فيصلو ان ڪري ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته مان چاهيان ٿو ته جونيئر رونالڊو محنت جي قدر کي سمجهي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جونيئر رونالڊو جڏهن ٽريننگ ڪندو آهي ته تيزابيت واري بوتل پيئڻ ۽ آلو چپس کائڻ پسند ڪندو آهي جنهن سبب هن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي.
رونالڊو چيو ته ”جونيئر کي آئي فون وٺي ڏيڻ جو مطلب آهي ته هن کي پنهنجي صلاحيت تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته مان نه ٿو چاهيان ته منهنجو پٽ ٽيڪنالاجيءَ جو شوقين بڻجي، ان ڪري مان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن مان رونالڊو کي آئي فون وٺي ڏيان.