اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته بنگلاديش جون موجوده حالتون سندن انروني معاملو آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ڪندڙ ملڪ دشمن آهن.
هن چيو ته دشمن وزيراعظم جي ڀيٽ حسينا واجد سان ڪري رهيا آهن، ڏڦيڙ پسند ٽولو عوام جي ذهنن ۾ نفرت ڀرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان جو هڪ ئي ويزن آهي غريب جي خدمت ڪرڻ، هڪ دشمن پارٽي ملڪ خلاف مسلسل بيان ڏئي رهي آهي، پاڪستان جي منزل اقتصادي ترقي آهي.
دشمن رڳو نااميدي ۽ بربادي جون ڳالهيون ڪن ٿا، منهنجو پيغام آهي ته پاڪستان هڪ آهي، ترقي جي شرح وڌي رهي آهي.
You might also like