تعليم کاتي جو گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي تعليم کاتي طرفان ڊگهي عرصي کان غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
تعليم کاتي موجب، شهيد بينظير آباد ضلعي جي مستقل غير حاضر استادن مان ڪيئي استادن جي ٻاهرين ملڪ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
تعليم کاتي جي اختيارين موجب، ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ پرڏيهه ويندڙ استادن جو ايف آءِ اي کان رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.
تعليم کاتي موجب، ايف آءِ اي ڄاڻايل استادن جو رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي رپورٽ جي روشني ۾ غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.