پي ٽي آءِ باني ڊيل ڪندو ته شهباز شريف بڻجي ويندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ فوج جو اهم ڪردار رهيو آهي، منظر تبديل ٿيڻ سان فوج جو ڪردار وڌندو ۽ گهٽجندو رهيو، پي ٽي آءِ باني جي ڊيل نٿي ٿي سگهي، جيڪڏهن ڊيل ٿي ته پي ٽي آءِ باني شهباز شريف بڻجي ويندو.
هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ڊيل ممڪن ناهي ته ڳالهيون ته ممڪن آهن، ويڇا گهٽجڻ گهرجن، نه رڳو اسٽيبلشمينٽ پر سياسي پارٽين سان به ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اسٽيبلشمينٽ کان اڳ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اڳتي وڌڻ جو هڪ ئي رستو ڳالهيون آهي، نواز شريف ڊيل ڪئي هئي.
هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جي بيانيي سان هيستائين اچڻ کي ڊيل ئي چوندسين، فراڊ اليڪشن ڪري وزيراعظم بڻجي وڃن ته پوءِ ان کي ڊيل ئي چيو ويندو، اهڙي ڊيل پي ٽي آءِ باني نٿو ڪري سگهي نه ئي هو ڪندو.
هن وڌيڪ چيوته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ درست ڄاڻ ناهي ملي رهي، جن ماڻهن کي پي ٽي آءِ تائين رسائي آهي ان ۾ عمر ايوب کانسواءِ ڪو سياستدان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.