لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ احمد خان بهچر چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين ميمبرن جي خلاف ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ داخل ڪري ڇڏيو.
احمد خان بهچر 430 صفحن تي ٻڌل ريفرنس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جا ٻيا ميمبر جانبدار آهن، عام چونڊن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن ڌر هجڻ جو مظاهرو ڪيو.
ريفرنس ۾ نڪتو اٿاريو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر، ميمبرن قانون ۽ آئيني ذميوارين جو مظاهرو نه ڪيو آهي. ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي ترت عهدن تان هٽايو وڃي، ريفرنس جي حتمي فيصلي تائين چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن کي ڪم کان روڪيو وڃي.