ڪراچي جي گيس صارفين لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊگهي لوڊشيڊنگ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 4 آگسٽ تي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو آهي.

ايس ايس جي سي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سوئي سدرن انتظاميا ڪراچي جي صنعتي، ڪمرشل ۽ گهريلو صارفين لاءِ گئس پريشر بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب، 20 انچ قطر واري 12.5 ڪلوميٽر ڊگهي ٽرانسميشن پائيپ لائين 4 آگسٽ آچر  ڏهاڙي سسٽم سان جوڙيو ويندو،

ايس ايس جي سي جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين کي گئس سسٽم سان ڳنڍڻ وقت آچر جي صبح 8 وڳي کان رات 8 وڳي تائين 12 ڪلاڪن لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي.

گئس بندش سبب متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ڪورنگي، هاشم گهاٽ، مانسهره ڪالوني، الله بدر ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارا علائقا شامل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.