سنڌ 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿو، وفاق صوبي کي پنهنجي حصي جو گيس ڏئي : وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ۽ ورڇ ڪرڻ واري ڪمپني ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪيپيسٽي پيمنٽ جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو پر ان مسئلي تي سڀني گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
وڏي وزير چيو ته ستر سيڪڙو گيس سنڌ پيدا ڪري ٿي وفاقي حڪومت سنڌ کي گيس ڏئي، پاور پلانٽ پاڻ لڳائينداسين، ٿرڪول سڄي ملڪ جي بجلي جي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته بجلي جو ٽيرف تمام گهڻو آهي، صنعتون تيزيءَ سان پنهنجون صلاحيتون وڃائي رهيون آهن، واپارين جي مسئلن بابت آگاهه آهيون، حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.