گلاب جي ٻوٽي تي ڪنڊا ڇو؟ ماهرن پتو لڳائي ورتو

محبت ۽ رومانس جي علامت سان گڏوگڏ گلاب ڪنڊن لاءِ به مشهور آهي جيڪي ان جي ٽاريءَ تي موجود هوندا آهن، جيڪي جانورن کي ٻوٽن کان پري رکڻ لاءِ هوندا آهن.
گلاب جيان مختلف ٻوٽن تي به ڪنڊا ٿين ٿا پر ائين ڇو ٿيندو آهي ۽ الڳ الڳ ارتقائي مرحلن مان گذرندڙ ٻوٽن ۾ هڪ جهڙا ڪنڊا ڇو ٿيندا آهن؟
اِهي اهڙا سوال آهن جنهن تي ڪروڙين ورهين کان بحث هلندڙ آهي پر هاڻ انهن سوالن جا جواب ڳولي ورتا آهن.
جرنل سائنس ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گلاب جي ٻوٽن تي ڪنڊن جي موجودگيءَ جو جواب ان ئي ٻوٽي جي ڊي اين اي ۾ لڪيل آهي.
ماهرن ڊي اين اي جو تجزيو ڪري جينز جي هڪ قديم خاندان جو پتو لڳايو آهي جيڪو سمورن ٻوٽن تي موجود ڪنڊن جو ذميوار آهي.
تحقيق موجب، گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ڪروڙ سالن کان اِهي ڪنڊا ٻوٽن تي موجود آهن ۽ ارتقائي مرحلن دوران اِهي ڪڏهن ظاهر ۽ گم ٿيندا رهيا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 60 لک سال اڳ اِهي ڪنڊا پٽاٽي، ٽماٽي ۽ واڱڻ جهڙن ٻوٽن تي به موجود هئا.
تحقيق موجب، اِهي ڪنڊا ٻوٽن جي ارتقائي دفاع واري عمل جو حصو آهن ته جيڪي جانورن کي ٻوٽي کي نقصان پهچائڻ يا کائڻ کان پري رکن ٿا، ان کانسواءِ ڪنڊا واڌ ويجهه، ٻوٽن جي گڏيل برابري ۽ پاڻي کي برقرار رکڻ ۾ به ڪردار ادا ڪن ٿا.
محققن ٻڌايو ته جينز جو هڪ قديم خاندان ايل او جي ان حوالي سان ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪروڙين سالن دوران ان کي مختلف ٻوٽن ۾ سوئچ آن ۽ آف ڪيو.
گلاب ۽ واڱڻ سميت مختلف قسمن جي ٻوٽن جي ڪنڊن جو تجيو کانپوءِ ماهرن پتو لڳايو ته اِهي جينز ئي ڪنڊن جو سبب بڻجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.