اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اِهي ٻئي ادارا ٺيڪ نه ٿيا ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي سگهي ٿو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جي بحران تي ظابطو آڻڻ لاءِ سندن ڪوششون جاري آهن، نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ حڪومت ايل اين جي جا چار پلانٽس لڳايا جيڪي سستا ترين پلانٽس هئا ۽ پلانٽس ذريعي پنج هزار ميگا واٽ بجلي ٿئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته بجلي واري معاملي تي سياست حقيقت ۾ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي ان بحران کي حل ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اهم ترين ايجنڊا آهي.
هن چيو ته سمورين وزارتن کي گڏيل طور عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته بجلي بحران جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته سوين ڊيم ٺاهڻ جي داعويدارن هڪ به ڊيم ناهي ٺاهيو ڳالهيون ڪرڻ سولو آهي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اِهي ٻئي ادارا ٺيڪ نه ٿيا ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو.
پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر مان ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيو ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو: وزيراعظم
You might also like