ايشوريا جي مڙس کانسواءِ وطن واپسي، فوٽو گرافر جي سوال تي ڪهڙو جواب ڏنائين؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڄڪلهه بالي ووڊ جي مشهور ترين جوري ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ جي طلاق جا افواهه سرگرم آهن، انهيءَ دوران ايشوريا ڌيءَ اراڌيا بچن سان گڏ پرڏيهه موڪلون ملهائڻ وئي جيڪا هاڻ وطن واپس موٽي آئي آهي.
ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن وچ ۾ طلاق جون خبرون ڏينهون ڏينهن زور پڪڙي رهيون آهن جنهن جو بنيادي سبب ٻنهي جو ڊگهي عرصي هڪٻئي کان پري رهڻ ٻڌايو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي هنيئر تائين جوڙي طرفان ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته بچن خاندان به ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا پنهنجي ڌيءَ سان گڏ موڪلون ملهائڻ نيويارڪ وئي هئي جيڪا هاڻ ممبئي واپس موٽي آئي آهي.
ممبئي ايئرپورٽ تي موجود پاپارازي ايشوريا کي ڏسي کائنس سوال ڪيو ته ميم اوهان ڪيئن آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ ايشوريا چيو ته هوءَ ٺيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.