فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ ن ليگ ۽ پ پ ويڇا پيون وجهن: عمر ايوب

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آ3 باني واضح ڪيو آهي ته فوج عوام مان آهي، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي فوج ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ويڇا پيدا ڪري رهيون آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پي ٽي آءِ باني جي ڪيسز مان ڌار ٿيڻ گهرجي، بشريٰ بي بي جي آزادي ٿيڻ هئي پر نيب نه ٿيڻ ڏني، جسٽس سسٽم کي گهرجي ته پي ٽي آءِ باني سان انصاف ڪري.
هن چيو ته واضح ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پ پ ۽ ن ليگ مهانگي اگهه تي پاور پلانٽس لڳايا آهن، آصف زرداري ايوان صدر جي بجيٽ 88 ڪروڙ رپين تائين وڌائي، عوام لاءِ ٽيڪسز ۽ پنهنجي لاءِ مزا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.