ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال جو اٺون مهينو شروع ٿي چڪو آهي ۽ هن مهيني سان لاڳاپيل علم نجوم جي ماهرن 12 مان 3 ستارن کي خوش قسمت قرار ڏنو آهي، اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته انهن 3 ستارن جو آگسٽ مهينو تمام سٺو گذرڻ جو روشن امڪان آهي.
اچو ته ڄاڻون ته م اهي 3 خوش قسمت ستارا ڪهڙا آهن…..!
برج حمل: برج حمل وارن لاءِ هي مهينو اهڙو ثابت ٿيڻ وارو آهي ته هو جتي به ويندا انهن لاءِ گل ٽڙي پوندا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته سندن سمورا ڪم آساني سان ٿي ويندا ۽ هي مهينو سندن لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيندو.
برج جوزا: جوزا وارن لاءِ هي مهينو ٿورڙو مشڪل هوندو ، پر جيڪڏهن اهي پنهنجو دماغ استعمال ڪندي ڪم ڪن ۽ رد عمل ظاهر ڪن ته انهن لاءِ تمام مثبت شيون ٿي سگهن ٿيون.
برج عقرب: علم نجوم جي ماهرن موجب، برج عقرب ٽيون ستارو آهي جيڪو آگسٽ جي مهيني ۾ ٻين ستارن جي مقابلي ۾ خوش قسمت ثابت ٿيندو. امڪان آهي ته هن مهيني ڪيترائي رهجي ويل ڪم مڪمل ٿي ويندا، ان کان علاوه جيڪي ماڻهو صحت بابت پريشان آهن، انهن ۾ بهتري جا نشان ظاهر ٿي سگهن ٿا.
Next Post
You might also like