پاڪستان آءِ ايم ايف کي 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ وياج ادا ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف کي 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ وياج جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي،
دستاويز موجب، پاڪستان پاران آءِ ايم ايف کي ادا ڪيل وياج جي رقم پاڪستاني ڪرنسي ۾ هڪ هزار ارب کان وڌيڪ آهي.
دستاويز موجب، گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کان 29 ارب ڊالرن جو قرض ورتو ۽ ان ئي عرصي ۾ 21 ارب 72 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض واپس ڪيو ويو.
پاڪستان گذريل 4 سالن ۾ آءِ ايم ايف کان 6 ارب 26 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض ورتو ۽ ان ئي عرصي ۾ آءِ ايم ايف کي 4 ارب 52 ڪروڙ 85 لک ڊالر واپس ڪيو ويو.
دستاويزن موجب، پاڪستان گذريل 4 سالن ۾ آءِ ايم ايف کي هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ وياج ادا ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.