اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي پهرئين کان ڇهه آگسٽ تائين سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ چوماسي برساتن ۽ ارب فلڊنگ جي اڳڪٿي ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جوچوڻ آهي ته 31 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين ڪشمير، مظفر آباد ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ کنوڻ سان برساتن ۽ ڪيئي جاين تي ڳڙي جو امڪان آهي.
پهرين آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين پنجاب، اسلام آباد سرگوڌا سميت مختلف علائقن ۾ گجگوڙ کنوڻ سان برسات ۽ مختلف جاين تي طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ٻه آگسٽ کان 6 آگسٽ دوران بهاولپور، بهاولنگر، ڊيرا غازي خان ۾ تيز هوائن گجگوڙ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
سنڌ ۾ به 2 آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين مٺي، عمر ڪوٽ، ٺٽي، بدين ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 کان 6 آگسٽ تائين ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح ٻه کان پنج آگسٽ تائين طوفاني برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي سميت مختلف علائقن ۾ جابلو ۽ ندين نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ ۽ ٻه کان ڇهه آگسٽ تائين سيالڪوٽ، گوجرانوالا، نارووال ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن مري، گليات بلوچستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ ۽ طوفاني برساتن، آنڌاري سبب روز مره جي زندگي متاثر ٿيڻ ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
You might also like