ڪوهاٽ: برساتي پاڻي ۾ هڪ ڪٽنب جا 11 ڀاتي ٻڏي فوت

پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا ۾ تيزبرساتن جو سلسلو جاري آهي، ڪوهاٽ ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ سبب سڄو خاندان ٻڏي ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
ڪوهاٽ ۾ دره آدم خيل اولڊ بازيد خيل ۾ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي برسات جو پاڻي گهر جي تهخاني ۾ داخل ٿي ويو، گهر جي تهخاني ۾ موجود هڪ ئي ڪٽنب جا 11 ڀارتي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا.
ذريعن موجب، ڏکوئيندڙ واقعي ۾ فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻار به شامل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.