اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن حڪومت کي هر صورت وڃڻو آهي، 40 کان 45 ڏينهن صورتحال واضح ٿي ويندي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ٽن چئن مهينن ۾ هلي ويندي، حڪومت طرفان ڳالهين جي آڇ کي پي ٽي آءِ کي هاڪاري طريقي سان اڪلائڻ گهرجي، ملڪ ۾ سياسي ماحول بهتر ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو آرمي چيف کي پيغام سٺو سنوڻ آهي. ان بيان سان پي ٽي آءِ جو نالو استعمال ڪري پرڏيهه مان سوشل ميڊيا تي پروپيگينڊا ڪندڙ يتيم ٿي ويا.