ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي وياج جي شرح ۾ لاٿ جو اعلان ڪندي چيو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽائي وئي آهي.
وياج جي شرح 100 بيسز پوائنٽس جي لاٿ کانپوءِ 19.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽجي 12.60 سيڪڙو ٿي وئي آهي، مهانگائي ۾ هوريان هوريان گهٽتائي اچي رهي آهي، ملڪي ميشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، ايندڙ سال مهانگائي جي شرح 11.5 کان 13.5 سيڪڙو رهندي.
هن چيو ته امپورٽ جي بل ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪار مالي سال 2024 دوران ٻه ڏهائي ٻه ارب ڊالر منافعو حاصل ڪيو، مالي سال 23 دوران پرڏيهي سيڙپڪار ٽيهه ڪروڙ ڊالر کڻي ويا هئا، پرڏيهي ادائيگين باوجود مٽا ساٽا ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن.
جميل احمد چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0 کان 1 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو چار ارب ڊالر کان گهٽ رهندو، مالي سال 24 ۾ 24.5 ارب ڊالر وقت تي ادا ڪيا، مالي سال 2025 ۾ 26.20 ارب جون پرڏيهي ادائيگيون آهن، مجموعي ادائيگين ۾ چار ارب ڊالر وياج ۽ ٻاويهه ارب اصل آهي، مجموعي ادائيگين ۾ 16 ڏهائي 3 سيڪڙو ڪمرشل ۽ ٻطرفا قرض رول اوور ٿيندا.
ياد رهي ته جون ۾ اسٽيٽ بئنڪ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 22 سيڪڙو مان گهٽجي 20.5 سيڪڙو هئي.
You might also like