ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان جي ڪيريئر ۾ ڪيئي سپر هيٽ ۽ ڪامياب فلمون رهيون آهن پر ماضي ۾ جي فلم ” هم آپ ڪي هين ڪون “ هڪ عام سلمان خان کي سپر اسٽار بڻائڻ جا بنياد رکيا.
ان فلم ۾ سلمان جي ” پريم “ نالي ڪردار ۽ ماڌوري جي مقابلي ۾ سندس اداڪاري کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو هو، پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا سلمان خان کان اڳ اِهو ڪردار بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان کي آفر ڪيو ويو هو؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سلمان خان جي ڪيريئر جي شروعات ۾ بالي ووڊ فلمسازن جي ترجيح سلمان خان نه هو ۽ فلم ” هم آپ ڪي هين ڪون “ لاءِ عامر خان کي پريم جي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن اسڪرپٽ دلچسپ نه هئڻ سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان وقت سلمان خان پنهنجي ڪيريئر جي مشڪل ترين دور مان گذري رهيو ۽ عامر خان جي انڪار سلمان خان جي ڪيريئر لاءِ ڪاميابي جا دڳ کولي ڇڏيا اِهو ڪردار کيس مليو ۽ هن سچي دل ۽ جذبي سان ڪردار نڀايو.
سلمان خان ۽ ماڌوريءَ جي شاندار اداڪار سبب فلم سپر هٽ ثابت ٿي، مداح سلمان خان کي رومانوي هيرو طور پسند ڪرڻ لڳا.