ڪوئيٽا ريڊ زون سيل:”بلوچ قومي اجتماع“ لاءِ گوادر ويندڙ قافلن کي روڪيو ويو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان ڪوٺايل” بلوچ قومي اجتماع“ ۾ شرڪت لاءِ صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا کان سامونڊي پٽي واري شهر گوادر ويندڙ قافلي کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا جي ريڊ زون کي به سيل ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوئيٽا جي حدن ۾ ڪجهه روڊن کي ڪنٽينر هڻي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي.
بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته ماڻهن کي ميڙاڪي ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ سڄي صوبي ۾روڊ رستا بند ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۽ گوادر وچ ۾ سيڪيورٽي کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف ضلعن ۾ رنڊڪون کڙيون ڪيون آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي اِهو سوال اُٿاريو ته بلوچ يڪجهتي مارچ ڪميٽي طرفان ميڙاڪي لاءِ گوادر جي چونڊ ڇو ڪئي آهي؟
هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گوادر ۾ ٿيندڙ ميڙاڪي جي اجازت ناهي ورتي وئي انڪري بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قافلن کي گوادر وڃڻ کان روڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا جي ڪمشنر سعد بن اسد موجب، ڪوئيٽا ۾ اڳ قلم 144 لاڳو آهي ۽ ريڊ زون ۾ ڪنهن کي به احتجاج ۽ ريلي جي اجازت نه آهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 140 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.