پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جو چڙڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جو ” چڙڏياريندڙ“ بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڀارت کي دهشتگردي جا الزام لڳائڻ بدران پرڏيهه ۾ قتل، بغاوت ۽ دهشتگردي جي پنهنجي مهم تي غور ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڀارتي اڳواڻن جا اهڙا بيان ڪشميري عوام کي پنهنجي بنيادي حقن، آزادي ۽ حق خوداراديت حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد تان ڌيان نٿا هٽائي سگهن.
هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ارادي ۽ صلاحيت ۾ پرعزم آهي، ان جو مثال فيبروي 2016ع ۾ ڀارت جي مداخلت خلاف پاڪستان جو ردعمل آهي.
واضح رهي ته ڪارگل جنگ کي 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم الزام مڙهندي چيو ته پاڪستان پنهنجي اهميت برقرار رکڻ لاءِ دهشتگردي ۽ ” پراڪسي وار “ جي سهارو وٺي رهيو آهي.
مودي چيو ته ڀارت امن لاءِ ڪششون ڪري رهيو آهي پر موٽ ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو وري پنهنجو ناقابلِ اعتماد چهرو ڏيکاريو آهي، سچ جي آڏو ڪوڙ ۽ دهشتگردي سدائين مات کاڌي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.