”ٻه لک سولر پينل ورهائي رهيا آهيون، وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ٻوڏ روڪڻ ۽ متاثرن جي امداد جي نالي تي 5 ارب گڏ ڪيا هئا اهي ڪيڏانهن ويا، ايف آءِ اي جاچ ڪري.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته اهي پيسا ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ تي خرچ ڪيا ويا. اسان ڪڏهن آر ٽي ايس ويهڻ سان اقتدار ۾ نه آياسين، ڪڏهن ججز کي خراب ناهي چيو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪرڻ جو رٿيو آهي، چئن ڏينهن ۾ پيپلز بس سروس جا 4 نوان روٽ شروع ڪيا آهن.
سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت سپيرا کي بحال ڪري رهي آهي.
هڪ سوال تي ناصر حسين شاهه چيو ته آگسٽ ۾ 2 لک سولر پينل ورهائڻ شروع ڪيا ويندا، پينل جي فراهمي لاءِ قرض تي وياج سنڌ حڪومت ڏيندي، سولر پارڪ ۽ اليڪٽرڪ بائيڪس جو پروگرام به شروع ڪيو ويندو. سستي بجلي جي فراهمي پ پ جو ويزن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.