لاهور (ويب ڊيسڪ) گورنر پنجاب سليم حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ حڪومت جو 18 مهينن جو دور پ پ لاءِ ڀوائتو خواب هو.
گورنر سليم حيدر چيو ته حڪومت جو اتحادي ٿيڻ پ پ جي مجبوري آهي، ن ليگ وٽان پ پ کي چانهه بسڪٽ کانسواءِ ڪجهه نه مليو، پ پ ملڪ لاءِ قرباني ڏني ۽ ن ليگ حڪومت جو حصو بڻي.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت سان 2 ڀيرا لکت ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي، ن ليگ معاهدي تي عمل ناهي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز قوم تي ظلم آهي، حڪومتي ماڻهن جون 42 ڪمپنيون آءِ پي پيز ۾ آهن، سڀني جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي.
You might also like