پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان جي اسميبلي ٽوڙڻ واري دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان دعويٰ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سان اسيمبلي ٽوڙڻ يا استعيفائن تي ڪي ڳالهيون ناهن ٿيون.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ استعيفائن تي ڪا مشاورت ٿي آهي نه وري ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ اسيمبلي مان نڪرڻ بابت ڪا ڳالهه ناهي ڪئي.
Pakistan Imrankhan PTI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.