يوٽيوب ۾ ٽڪ ٽاڪ جهڙو بهترين فيچر شامل

ڪيليفورنيا )ويب ڊيسڪ) وڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم يوٽيوب شارٽس لاءِ ڪيترائي نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن مان ڪجهه هاڻي واهپيدارن لاءِ دستياب آهن.
دستياب فيچرز ۾ ٽيڪسٽ کان اسپيچ وڊيو بيان جي خصوصيت شامل آهي، جيڪا واهپيدارن کي وڊيوز ۾ مصنوعي وائس اوور شامل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.
هي فيچر ٽڪ ٽاڪ جي روبوٽڪ آوازن وانگر آهي، جيڪي عام طور تي وڊيوز ۾ ٻڌا ويندا آهن.
انهن وائس اوورز کي وڊيو ۾ شامل ڪرڻ جو عمل به ٽڪ ٽاڪ سان ملندڙ جلندڙ آهي، هن وقت يوٽيوب وائيس اوور لاءِ صرف چار آواز پيش ڪري ٿو، جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ ۾ ڪجهه وڌيڪ آهي.
يوٽيوب جو چوڻ آهي ته ڪمپني پاڻمرادو ٺاهيل ڪيپشن جو هڪ فيچر به جاري ڪرڻ واري آهي، جنهن کي استعمال ڪندي واهپيدار کي ڪيپ ڪِٽ جهڙي ڪنهن ٻي ايپ جي ضرورت نه پوندي.

Tiktok youtube feature

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.