ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گلشن اقبال جي علائقي ۾ رينجرز جي وردي ۾ ڦر ڪندڙ جوابدار رينجرز جو ئي اهلڪار نڪتو، جوابدار زاهد کي گرفتار ڪري ڪيش ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.
ذريعن موجب جوابدار زاهد هڪ مهيني جي موڪل تي هو، پڪوان سينٽر مالڪ عادل جان کان جاچ ڪئي وئي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هو ڦر ڪندڙ رينجرز جي اهلڪار کي سڃاڻيندو آهي.
پڪوان سينٽر مالڪ جو چوڻ هو ته رينجرز اهلڪار سان پئسن جي ڏيتي ليتي جو مامرو هلندڙ هو، جنهن تي هن پئسا ڦر ڪرڻ بعد مونکي کڻي سرجاڻي ٽائون ۾ ڇڏي ڏنو هو.
رينجرز متاثر جي نشاندهي تي جوابدار رينجرز اهلڪار جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري 18 لک رپيا ڪيش ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
Pakistan Sindh karachi