سناڪشي سنها هني مون جي ” ٻئي رائونڊ “ لاءِ اڪيلي فلپائن پهچي وئي

بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها هني مون جي ٻئي مرحلي ۾ اڪيلي فلپائن پهچي وئي.
اداڪارا انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪندي مداحن کي خبر ڏني ته هوءَ حني مون جي سيڪنڊ رائونڊ لاءِ فلپائن پهچي وئي آهي.
سوناڪشي سنها ٻڌايو ته اُڏام ڌار ڌار هئڻ سبب کيس فلپائن اڪيلي اچڻو پيو ۽ هوءَ هاڻ پنهنجي مڙس جو انتظار ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال 23 جون تي شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي فلم ” ڊبل ايڪسل “ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.