شهباز جي نواز سان ٽن ڏينهن اندر ٽِين ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف نون ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٽِين ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، نواز شريف ۽ شهباز شريف کي سمورا قانوني، آئيني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ جي مشورو ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي آصف زرداري ۽ بين اتحادين سان رابطن ۽ مشاورت بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب، نون ليگ جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن واري فيصلي کانپوءِ جي صورتحال تي ڊگهي مشاورت ڪئي، ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به موجود هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورت عمل ۾ ڪيل سمورن فيصلن جي حوالي سان پارٽي جي سينيئر قيادت کي به اعتماد ۾ ورتو ويو.
ذريعن موجب، محرم کانپوءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس به سڏايو ويندو ۽ پارليامينٽ جو اجلاس به شيڊيول کان اڳ سڏائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته، نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان مشاورتي عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته ڪجهه سان فون تي رابطا ڪيا ويا.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي عدليا وٽان ملندڙ رليف ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نون ليگ صدر نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان مختلف آپشنز تي مشاورت ڪئي، ن ليگ جي سينيئر قيادت عدالتي فيصلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب، نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان مشاورتي عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته ڪجهه سان فون تي رابطا ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي عدليا وٽان ملندڙ رليف ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، نون ليگ صدر نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان مختلف آپشنز تي مشاورت ڪئي، ن ليگ جي سينيئر قيادت عدالتي فيصلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه اڳواڻن فيصلي تي تنقيد ڪئي ۽ پارلياماني فورم تان ڀرپور جواب ڏيڻ جو مطالبو ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.