پهرين شادي تي ڏهن رپين کان به گهٽ خرچ آيو هو:عامر خان جي دعويٰ

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس رينا دتا سان پهرين شادي ۾ 10 رپين کان به گهٽ خرچ آيو هو.
عامر خان ۽ رينا دتا جي محبت جي ڪهاڻي 1980 جي ڏهاڪي جي اوائل ۾ شروع ٿي، رينا شروعات ۾ عامر خان جي پروپوزل کي رد ڪيو هو.
پر بعد ۾ ٻنهي ڊيٽنگ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ رينا عامر جي پهرين فلم، ”قيامت سي قيامت“ تائين جي گاني ”پاپا ڪهتي هين“ ۾ هڪ مختصر ڪردار به ادا ڪيو هو.
شادي بابت تفصيل ٻڌائيندي بالي ووڊ اسٽار ٻڌايو ته 211 نمبر جي بس ۾ ويٺس جنهن جي 50 پئسا ٽڪيٽ هئي،جنهن ذريعي باندرا اسٽيشن ويسٽ پل تي لٿس ۽ پل پار ڪري هاءِ وي طرف هلي پيس.
هن جو چوڻ هو ته مون روڊ ڪراس ڪري گرها نرمان ڀون ۾ داخل ٿيس، جتي شادي جي رجسٽرار جي آفيس آهي، اهڙي ريت منهنجي پهرين شادي تي 10 رپين کان به گهٽ خرچ آيو.

Amirkhan Bollywood Star

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.