پرويز خٽڪ جي شاهدي تي ڏک ٿيو،عمران کيس عزت ڏني ۽ وڏو وزير بڻايو:علي محمد خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو آهي ته اڳوڻي بچاءَ واري وزير جي شاهدي تي ڏاڍو افسوس ٿيو،
190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ شاهد طور اڳوڻي وڏو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.
پرويز خٽڪ عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، انهي موقعي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي به عدالت واري ڪمري ۾ موجود هو.
علي محمد خان جو چوڻ هو ته پرويز خٽڪ جي شاهدي تي ڏک ٿيو آهي، باني پي ٽي آءِ کيس عزت ڏني ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير بڻايو.
هن جو چوڻ هو ته مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اميد آهي ته سپريم ڪورٽ مان انصاف ملندو، چيف جسٽس ۽ 133 ججز آڏو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو سني اتحاد ۾ وڃن، ڪارڪنن ۽ عورتن کي آزاد ڪري سيٽون واپس ڪيون وڃن.

Pakistan PTI AliMuhammad

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.